شيخ عبدالعزيز

شيخ، عبدالعزيز: شيخ عبدالعزيزالحقاخبار جي باني شيخ محمد سليمان جو فرزند هو. ڪجهه عرصو ‘الحقاخبار سان سلهاڙيل رهيو. خلافت تحريڪ دوران سرڪاري عملدارن جي ظلم، وطن فروشيءَ، رشوت ۽ خود مطلبي خلاف بي ڊپائي سان آواز اٿاريائين. سندس تقريرن کي پسند ڪيو ويندو هو. سن ۾ ڪوٺايل خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سرڪار خلاف ۽ تحريڪ جي حق ۾ سخت موقف رکيائين. خلافت تحريڪ دوران سائين جي. ايم سيد سان سندس گهڻي ويجهڙائپ رهي. هن 1945ع ۾ وفات ڪئي


لفظ شيخ عبدالعزيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو